اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي ح??ال?? سان پڻ موقعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي ل??ءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئين مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاشين ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون کي اطمينان آهي ته توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ذريعي ٿي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي ح??ال?? سان پڻ موقعا ڳوليو. آفيسرن وزيراعظم کي پنهنجي ل??ڳاپيل اسٽيشنز جي ح??ال?? سان پنه??جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيسرن جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم ??و ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.