اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مظاهرين جي فوتگين وارين خبرن کي سيڪيورٽي ذريعن سختيءَ سان رد ڪندي انهن کي ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪ??هه ڌُرين ط??فا?? اها پروپيگنڊا ڪئي پئي و??ي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ جي نتيجي ۾ مظاهرين جون فوتگيون ٿيون آهن جيڪو سراسر بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آه??. ذ??يعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اه??ڪارن ط??فا?? ڪنهن به قسم جي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڪامين کي لِڪائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي و??ي جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز احتجاج دوران قانون جي دائري ۾ رهندي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي ذريعن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اه?? سوشل ميڊيا تي ڦهلايل بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن.