اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو و??ندو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي کي کنڊ جي وڪري تي ٽيڪ?? جي چوري، غيردستاويزي وڪري ۽ قيمتن ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو و??و آهي. وزيراعظم ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته شگر سيڪٽر ۾ سيلز ٽيڪ?? جي چوري جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪمند جي پيڙهائي جي مُند شروع ٿي رهي آهي، شگر ملز ۽ ڊيلرز کان جي ايس ٽي جي 100 سيڪڙو وصولي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي جنهن سان کنڊ جي ذخيره اندوزي نه ٿي سگهندي ۽ قيمتن ۾ توازن رهندو. بيان ۾ چيو و??و آهي ته ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪيمرائن جي ذريعي شگر ملز جي پيداواري عمل ۽ ذخيره اندوزي تي نظر رکي ويندي، سيلز ٽيڪ?? جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو و??ندو. وزيراعظم شگر سٽه مافيا جي خلاف پڻ سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو و??و آهي ته وزيراعظم اسٽيل، سگري??، سيمنٽ ۽ مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ پڻ اهڙي طرح جي قدمن جي هدايت ڪئي آهي.