اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻار?? جي قافلي تي شرپسند?? جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر?? جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم شهري?? جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻه?? جي درج?? جي بلندي ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي آور?? جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ام?? جي دشمنن معصوم شهري?? جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آ??ي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصر?? جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته واقعي ۾ ملو?? شرپسند عنصر?? جي نشاندهي ڪري انهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصوم شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.