اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ باڪاييو ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه ٿي?? ملاقات ۾ صنعتي ۽ زرعي شع??ن ۾ تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۽ قازقستان وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيون ٿا، ٻنهي طرفان صنعتي ۽ زرعي سهڪار تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته قازقستان پا??ستان جي زرعي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آه??. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته قازقستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا.