اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني را??طن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ويلنٽينا م??ٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارلياماني وفد جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا م??ٽ ويانڪو جو شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا م??ٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ ک?? خراج تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني را??طن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا م??ٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني را??طن ۾ اضافي کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاط??ي کي ساراهيو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي را??طن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ را??طن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري را??طن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا م??ٽ ويانڪو جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دو??ي کي ويلنٽينام??ٽ ويانڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪا??ي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري را??طا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۾ را??طا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.