راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ ٿيل گڏيل مشق واريئر-8 جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مشق جي دائره ڪار ۽ ان جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف مشق ۾ شريڪ جوانن سان ڳالهايو ۽ پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي جيڪي گڏيل مشق دوران ڏيکاريون پئي ويون. پاڪ- چين گڏيل مشق واريئر-8 جي شروعا?? 19 ??ومبر 2024ع کان ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ 3 هفتا ??گه?? اها مشق، سالياني بنيادن تي ٿيل سلسلي جي اٺين مشق آهي. اين سي ٽي سي پبي په??ڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڪور ڪمان??ر راولپنڊي ڪيو.