اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سامونڊي وسيلن جي تحفط ۽ بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ خطي ۾ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هندي سمنڊ جي علائقي ۾ سامونڊي تعاون جي فروغ جي لاءِ ??رعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بليو اڪانومي تعاون تي ٽئين چين – هندي سمنڊ علائقائي فورم کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. فورم جو انعقاد چين جي عالمي ترقياتي تعاون ايجنسي چين جي شهر ڪُن مِن?? ۾ ??يو آهي. صدر چيو ته ماحولياتي تبديلي، آلودگي ۽ ماحولياتي نظام جي تنزلي جهڙن مسئلن جو حل ڪرڻو پوندو، پاڪستان سامونڊي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سمورين ڌرين سان حصيداري جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته اسان جو خطو امن، ترقي ۽ پائيداري جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي، مستقبل جي عالمي معاشي ترقي اوڀرندي ??لڪن تي دارومدار ڪندي. آصف علي زرداري چيو ته دنيا جي وڏي آبادي چين ۽ اسان جي خطي جي ٻين ملڪن ۾ رهي ٿي. هن چيو ته سمنڊ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر وڊيو پيغام ۾ هندي سمنڊ ۾ امن، ترقي ۽ پائيداري جي لاءِ ??اڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪ – چين اقتصادي ??نگهه تحت گوادر پورٽ کي ترقي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گوادر پورٽ کي علائقائي رابطن جي مرڪز ۾ بدلايو پيو وڃي، گوادر بندرگاهه سان واپار ۽ سامونڊي اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو. صدر پاڪستان جي بليو اڪانومي جي ترقي جي لاءِ ??اڪستان جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان نيشنل ميري ٽائيم پاليسي متعارف ڪرائي آهي، پاڪستان ۾ پائيدار ماهيگيري، سامونڊي تحفظ جي لاءِ ??دم کنيا ويا آهن. صدر چيو ته ليونگ انڊس پروجيڪٽ جهڙن منصوبن جو مقصد ماحولياتي نظام جو تحفظ، آلودگي جو مقابلو ڪرڻو آهي. صدر فورم جي هدفن ۾ پائيدار ترقي اتي ڌيان ڏيڻ تي چين جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته فورم جي ايجنڊا ۾ صلاحيت ۾ اضافو ۽ ٻيٽن جي شموليت ??وش آئنده آهي.