اسلام ??باد – 10 ڊسمبر(اي پي پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسلام ??باد کان ڪوٽ مومن تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کل?? ويو آهي. موٽروي پوليس جي ترجمان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن کان بچڻ ۽ موٽروي استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شهرين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي و??ت غير ضروري سفر کان پا??و ڪن، پنهنجو سفر ڏينهن جي روشني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي منزل تائين پهچي وڃن. هن چيو ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پا??و ڪن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پوليس هيلپ لائين 130 ۽ نيشنل هاءِ وي ا??نڊ موٽروي پوليس جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.