اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي وزارت جي مجموعي ڪارڪردگي، ڪم جي طريقيڪار ۽ خبرن جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي ۽ پاليسي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نئين منصوبن تي به ڊپٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي نوجوان طبقي جي لاءِ بهترين معلومات?? پروگرام ۽ تخليقي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جوڙڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ غور هيٺ آئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاڪستان ٽيليويزن جي ايوان جي ڪوريج جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته پاڪستان ٽيليويزن اسان جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پاڪستان ٽيليويزن هر دور ۾ عوام تا??ين خبر پهچائڻ جي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪئي آهي. هن چيو ته آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ پي ٽي وي جي ماهرن جي مدد سان اهڙا پروگرام جوڙي جنهن سان آگاهي پکڙجي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پي ٽي وي جو نيٽ ورڪ پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي، پي ٽي وي جي ڪري آفت سٽيل علائقن تا??ين نشرياتي رابطن جي ذريعي پهچ انتهائي آسان آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ملڪ جي ثقافت ۽ علائقائي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي ۾ پي ٽي وي جو ??ار??خي طور تي ت??ام وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي انهن قدرن ۽ روايتن سان ڳنڍڻو آهي.