اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا عالمي معيار جي خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ ايئرپورٽس ??ا انتظام نجي شعبي ۾ ڏيڻ جي حوالي سان هوابازي واري وفاق?? وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ ٽيلي ميٽري نظام جوڙيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.