اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ??ي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري ??واد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ ??ي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري ??يدا ٿيندڙ صورتحال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خ??ن جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.