اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستا?? جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل دل ڪش سياحتي ماڳن ۽ ملڪي سياحتي صلاحيت کي مڪمل طور استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان وڏ?? فيصلو ڪندي سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سياحت بابت اعليٰ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي خاص مددگار پرڏيهي پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسوس ڊولپمينٽ (بطور ڪنو??نر)، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، مواصلات واري وزارت، هوابازي واري وزارت، ??ذه??ي معاملن واري وزارت ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزارت جا سيڪريٽريز يا انهن جا نمائندا (جيڪي گريڊ 21 کان گهٽ نه هجن)، سمورا چيف سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري، اويڪي??ٽر??ٽ بورڊ جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريش?? جي مينيجنگ ڊائريڪٽر تي مشتمل هوندي.