اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪي تشخص، تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي ??ي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان س??ني??ا انڊسٽري جو ڪردار ۽ س??ني??ا انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير س??ني??ر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر ، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، س??ني??ر فيصل جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ س??ني??ا جي بحالي ۽ ملڪي تشخص ??ي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان س??ني??ا انڊسٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ س??ني??ا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.