اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل ق??من جي قراردادن موجب ري??رنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ??ه ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل ق??من جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل ق??من جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي ??حش??اڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.