ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان ک?? غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيرا??ظم عمران خان جو صاف موقف آهي ته پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيرا??ظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب ج?? دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.