اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳي?? ريڊيو سان ڳنڍجي پاڪستان جي بيانيي کي د??يا سان ڳنڍڻ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي، اهڙي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان ڪشميرين کي ۽ انهن جي جذبن کي د??يا سان ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٻه نغما جا??ي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.