اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قو??ي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ??دا??ا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رل??ف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن ج?? تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي ??قيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي ??حدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قو??ي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.